اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺي سگهن، صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لا??ِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس ??ٺندي ان حو??لي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائڻ جي لا??ِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ کان رهنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا ويڪسين فرنٽ لا??ين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لا??ين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئي آهي ۽ ان عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لا??ِ 1166 نمبر فراهم ڪيو ويو جتي ويڪسين جي لا??ِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي حو??لي سان اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ جي لا??ِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻڻ جي لا??ِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان حو??لي سان ٽائيم لا??ينز مقرر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حو??لي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ان حو??لي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻڻ جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس ??ٺندي ان حو??لي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حو??لي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪومت پاران عورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيارڻ جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حو??لي سان قانون جي عمل کي به تيز ڪيو وڃي.