اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي جمعي ڏينهن سعودي ??رب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جا ٻيا وزير پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي قيادت سان معيشت، واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن، سعودي ??رب ۾ رهن??ڙ پاڪستانين سميت ٻطرفي تعاون جي سمورن شعبن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ??ندو، دوري دوران ٻنهي طرفن کان گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ??ئي ويندي، دوري دوران ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون متوقع آهن.