اسلام آباد – 19 – مئي (اي پ?? پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پ??ڪستان ۾ قائم فلسطيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير احمد جواد اي رابي سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ فلسطين جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊپٽي اسپيڪر فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چي?? ته فلسطين جي موجوده صورتحال تي پ??ڪستان جي حڪومت ۽ عوام ۾ گهري ڳڻتي آهي. هن غزه ۾ اسرائيل طرفان مسلسل فضائي حملن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي چي?? ته اسرائيلي حملن جي ڪري معصوم فلسطينن جون شهادتون واقع ٿيون آهن جنهن تي پ??ڪستاني عوام انتهائي ڏکويل آهي ۽ ان مشڪل وقت ۾ هو پنهنجي فلسطيني ڀائرن سان گڏ بيٺل آهن ۽ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هن چي?? ته پاڪستان مسجد الاقصيٰ جيڪا مسلمان جو قبله اول آهي، جي تقدس جي پ??ئمال ڪرڻ ۽ معصوم عبادت گزارن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪري ٿو. هن چي?? ته اسرائيل ظلمن جي خلاف عالمي سطح تي آواز بلند ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ پنهنج?? سمورن هم منصوبن کي خط جاري ڪيا آهن، ڊپٽي اسپيڪر چي?? ته پاڪستاني جي بانين اسرائيل ج?? قيام کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو ۽ ان کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هن چي?? ته موجوده حڪومت پاڪستان جي بانين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ٿي، ۽ ان ن تي عمل پيرا آهي.