اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه آهي، ??وشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد سان انسانن کي ورهايو پيو وڃي، ??سلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ صورتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفرت پکيڙيندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪن، سوشل ميڊيا جي ذريعي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، ??ظهار راءِ جي آزادي جي حد ايستائين آهي جيستائين ٻيو انسان ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب کي لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ??ارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.