اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ جي چي??رم??ن محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چي??رم??ن مرزا محمد آفريدي پا??ليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻ??ار?? مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي سينيٽ چي??رم??ن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻ??ار?? ۽ ماحول دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چي??رم??ن چيو ته پا??ليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پا??ليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻ??ار?? مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي سينيٽرز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ سينيٽ جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.