اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي، ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس، پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ وزيراعظم عمران خان ??يو ته اڄ ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي حوالي سان 5 آگسٽ 2019ع ??ي ڪيل ڀارت جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني قدم کي 2 سال مڪمل ٿي ويا آهن. انهن ٻن سالن ۾ دنيا ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڀارت جي قابض فوج جو غيرمعمولي ظلم ۽ ڏاڍ ڏسي ورتو آهي. دنيا ڪشميرين جي سڃاڻپ کي تباهه ڪرڻ ۽ آبادي جي تناسب کي طاقت جي ذريعي تبديل ڪرڻ جي ڀار??ي ڪوششن کي پڻ ڏسي رهي آهي. وزيراعظم ??يو ته ڀارتي حڪومت پاران ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ آر ايس ايس جي هندتوا نظريي جو تسلسل آهي، اڄ ڀارت پنهنجي جابراڻي قدمن ۽ رياستي دهشتگردي جي ذريعي خطي جو استحڪام تباهه ڪري رهيو آهي جيڪو سمورن عالمي قانونن ۽ قدرن جي خلاف ورزي آهي. وزيراعظم ??يو ته مون عالمي فورمن ??ي ڪشميرين جو آواز اٿاريو آهي ۽ گڏيل قومن جي سلام??ي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميرين کي پنهنجي مستقبل جو فيص??و ڪرڻ جو حق ملڻ تائين آواز اٿاريندو رهندس. هن ??يو ته پاڪستان ڀرپور طريقي سان ڪشميرين جو ڪيس وڙهندو رهندو ۽ انشاءَ الله ڪشميرين جي جدوجهد ڪامياب ٿيندي.