ڪراچي – 10 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اڳتي وڌي ره??و آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي پر معيشت جي ترقي سان ان تي دٻاءُ وڌي ره??و آهي، اسان کي روانگي واپار وڌائڻ، مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني بئنڪنگ چئنل ذريعي پنهنجي رقم موڪلين، اسان پاڻ تي ڀاڙڻ جي رستي تي گامزن ٿي ويا آهيون، شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم لڳڻ سان جهاز راني جي صنعت ترقي ڪندي ۽ معيشت کي فائدو ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي شپ يارڊ ۾ شپ لفٽ اينڊ ٽرانسفر سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، وفاقي وزير اسد عمر، زبيده جلال، علي زيدي به موجود هئا. و??ير??عظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اسان اڳتي وڌي ره??ا آهيون، پاڪستان 50 سال اڳ ترقي جي جنهن سفر تي گامزن هو بدقسمتي سان ان کانپوءِ جي سالن ۾ اها برقرار نه رکي سگ??يو ۽ اسان پنهنجي پيرن تي بيهڻ، پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ اڳتي وڌڻ بدران ٻين تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيو، اسان پنهنجي قوت کي نه سڃاتو ۽ سهارا ڳولي ورتا. و??ير??عظم چيو ته جيڪي قومون مزاحمت نه ٿيون ڪن ا??ي ڪڏهن به پنهنجي پيرن تي نه ٿيون بيهي سگ??ن، مديني جي رياست جي اصولن تي جيڪا به قوم هلندي اها ترقي ۽ ڪاميابي ماڻيندي، نبي ڪريم ﷺ جي زندگي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. پاڻ ﷺ غير ملڪي سربراهن کي خط لکيا ته انهن کان مدد نه گهري پر کين الله جو پيغام پهچايو ۽ خوددار قوم ٺاهي انساني تاريخ جي ڌارا بدلائي ڇڏي. پاڻ ﷺ جي جوڙيل قوم دنيا جي امامت ڪئي، و??ير??عظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري ره??ا آهيون، ڪراچي شپ يارڊ ۾ سامونڊي جهازن جي مرمت جي نظام جي ترقي ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ملڪ جو پئسو بچندو، جيڪو ڪم اسان کي اڳ ۾ ٻين ملڪن مان ڪرائڻو پوندو هو هاڻي اهو هتي ٿيندو. ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر اسان ٻين ملڪن کي به اها سهولت فراهم ڪنداسين. و??ير??عظم چيو ته ملڪ جي معيشت بهتري طرف گامزن ٿي چڪي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽ کان گهٽ ٿي ويو آهي، هاڻي چئلينج اهو آهي ته جيئن جيئن معيشت بهتر ٿيندي ڪرنٽ اڪائونٽ تي دٻاءُ وڌندو. و??ير??عظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي سان پاڪستان ڊالر ڪمائيندو، هن چيو ته حڪومت روانگي واپار وڌائڻ ۽ مني لانڊرنگ روڪڻ تي ڌيان ڏئي ره?? آهي. هن ٻاهرين ملڪ پاڪستانين تي زور ڏنو ته پنهنجو مٽاسٽا جو ناڻو بئڪنگ چئنل ذريعي موڪلين، هن چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ ره??دڙ ماڻهو پئسو چوري ڪري ٻاهر موڪليندا هئا اسان کي ان سلسلي کي روڪڻو آهي ۽ پاڻ ڀاڙڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي ۽ اسان ان رستي تي گامزن ٿي چڪا آهيون.