اسلام ??باد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس افغانستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب وزيراعظم عمران خان ڊينمارڪ جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ سموري افغان عوام ??ي تحفظ، سلامتي ۽ حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم افغانستان مان سفارتي اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين جي افغانستان مان نڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪي??. ڊ??نمارڪ جي وزيراعظم افغانستان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.