اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ??سين چيو آهي ته باباءِ قوم قائ??اع??م محمد علي جناح جي ويزن موجب روشن، پرامن ۽ ترقي يافته پاڪستان ئي اسان جو مقصد آهي. قائ??اع??م محمد علي جناح جي ورسيءَ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري فواد ??سين چيو ته باباءِ قوم جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ خودمختيار رياست بڻجي اڀريو جنهن تي قوم قائ??اع??م محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش ڪ??ي ٿي. چوڌري فواد ??سين چيو ته قائ??اع??م محمد علي جناح جي تعليم ۽ ان جي فرمانن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن کي آڏو رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري وئي آهي. باباءِ قوم جي دور انديشي ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدل??ئڻ جي لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم ۽ ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا هئا ته جيئن سمورن مسئلن جو گڏجي مقابلو ڪري سگهجي. چوڌري فواد ??سين چيو ته اڄ اسان جي مسئلن جو وڏو سبب ان تعليم کان دوري آهي، اسان کي پرامن، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ کي وڌ??ئڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشاءَ الله پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت باباءِ قوم جي ترقي پسند ۽ جمهوري پاڪستان جي خواب جي تعبير ڪندي.