دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراع??م عمران خان جي اڪنامڪ ويزن تحت اسان سي پيڪ کي وچ ايش??ائ?? رياستن سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، افغانستان جي معاملي کان پهرين به اسان وچ ايش??ائ?? رياستن تي ان باري ۾ زور ڏيندا رهيا آهيون. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ازبڪستان سان ٽرانس مزار شريف ٽرين ۽ روڊ نيٽ ورڪ منصوبي تحت اسان گوادر کان ڪراچي کي مزار شريف جي رستي پهرئين ئي تاشقند ۽ ان کانپوءِ دوشنبي ۽ قازقستان سان ملائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته سمورين وچ ايش??ائ?? رياستن ان منصوبي تحت ٽرين ۽ رستي سان ڳنڍجي و??نديون ۽ پورو منظر نامو بدلجي و??ندو، چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي پوري اميد آهي ته افغانستان ۾ صورتحال بهتر ٿيندي، قازقستان جي صدر سان وزيراعظم جي ملاقات ۾ به افغانستان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته افغانستان يا ته استحڪام طرف ويندو يا مڪمل نقصان ڏانهن، هن چيو ته عالمي دنيا افغانستان ۾ طالبان عملدارن سان ايگريمينٽ ڪري هلي ٿي ته ان ۾ افغانستان ۽ دنيا جو فائدو ٿيندو، هن چيو ته جيڪڏهن اسان افغانستان کي موجوده صورتحال ۾ رستي ۾ ڇڏي ڏنو ته ان سان مسئلا پيدا ٿيندا.