اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته م??يم ??وا?? پنهنجي ڪيسن ۾ دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي، ثبوت آهن ته روزاني جي ??ني??د تي ٻڌڻي لاءِ درخواست ڏي، جائيدادون نيلام ڪيون پيون وڃن جنهن جو روئڻو پٽڻو آهي، ليگي اڳواڻن کي سزائون ميرٽ تي ٿيون، مريم ??وا?? کان حساب گهرو ته نيب تي حملا آور ٿيندي آهي، ??وا?? شريف اثاثن جو حساب ڏيڻ بدران ملڪ مان فرار ٿي ويو. هو ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ??وا?? شريف ۽ مريم ??وا?? کي ٿيندڙ سزائن جي خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ٿي، اڄ وري هن وڪيل کي تبديل ڪيو، جولاءِ 2018ع کان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، هتي انهن جو چوڻ گهرجي ته اپيلن جي ٻڌڻي روزاني جي ??ني??د تي ٿئي، هڪ درجن کان وڌيڪ التوا وٺي چڪا آهن، پنهنجي پٽيشن تي دليل ڏيڻ بدران وڪيل بيمار يا ڪڏهن ڪورونا ٿي ويندو آهي، عدالت به چئي ڇڏيو ته دير جا حربا استعمال ٿي رهيا آهن، هن چيو ته جنهن جي خلاف فيصلو اچي ته اپيل ۾ وڃي چوندو آهي ته فوري فيصلو ڪرايو وڃي، هتي ڪم مختلف آهي، کين خبر آهي ته کين سزائون چوري، ڪرپشن تي ٿيون آهن، عدالت کي مطئمن ڪر?? جي لاءِ ڪجهه نه آهي، هن چيو ته ??وا?? شريف تي پهرين ڀڳوڙو بڻجي ٻاهر وڃي چڪو آهي، ??وا?? شريف کان ڪرپشن تي رڪوري ٿيڻ وڃي رهي آهي، سندس جائيدادون نيلام ٿيڻ وڃي رهيون آهن، ان تي انهن جي پيٽ ۾سور آهي، اهي ماڻهو پاڪستان جي تشخص ۽ سالميت جو به خيال ناهن ڪندا، پنهنجي ذاتي مفاد کي ترجيح ڏيندا آهن، هن چيو ته ڀارت کي بي نقاب ڪر?? تي مريم صفدر جي ٽوئيٽر تان ڪو ٽوئيٽ نه آيو. هن چيو ته اڄ کيس اليڪشن ڪميشن جي ياد اچي رهي آهي، 6 مهينا پهرين مريم صفدر اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران بيهي ڌمڪيون ڏنيون، سپريم ڪورٽ تي حملا، فون تي ججن کي فيصلا لکرائڻ وارا اهي ماڻهو آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي اقتدار هجي ته پاڪستان جي اندر ۽ اقتدار نه هجي ته ٻاهر هوندا آهن. مريم جو نالو اي سي ايل ۾ نه هجي ها ته هو اڄ پاڪستان ۾ نه هجي ها، هن چيو ته ادارن کي توهين انهن جي عادت آهي، توهان جيڪو ادارن جو احترام ڪريو ٿا اهو به اسان جي سامهون آهي، هن چيو ته جتي جمهوريت هوندي آهي اتي احتساب ۽ اختيار تي ڪڙو احتساب به ٿيندو آهي، ائين نٿو ٿي سگهي ته ڪٿي اقتدار ۾ اچو، لُٽ مار ڪريو، مال ٺاهيو، ڪير پڇي ته انتقامي ڪارروائي جو چئو.