اسلام آباد – 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته قومون تعليم ۽ سٺي صحت سان ترقي ڪنديون آهن، ورچوئل تعيلم انتهائي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان کي اعليٰ تربيت يافته آء?? ٽي ۽ ميڊيڪل گريجوئيٽس جي ضرورت آهي جنهن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ورچوئل تعليم جي ذريعي انفراسٽرڪچر کانسواءِ شاگردن جو انگ وڌائي سگهجي ??و. صدر پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ فيڊرل ميڊيڪل ڪاليج جي اڪيڊمڪ بلاڪ جي ??يڙهه جو پٿر رکڻ جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل يونيورسٽي جي ??ائيس چانسلر ڊاڪٽر تنوير خالق، پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سيده بتول مظهر، ڊاڪٽر عابد ملڪ سميت ناليواري طبي ماهرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آئون ورچوئل ايجوڪيشن جو قائل آهيان ۽ منهنجي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ گهري دلچسپي آهي، ملڪ ۾ هر سال 26 هزار آء?? ٽي گريجوئيٽس تعليمي ادارن مان فارغ ٿين ٿا جڏهن ته پاڙيسري ملڪ جي ڀيٽ ۾ اهو انگ تمام گهٽ آهي. صدر چيو ته 1970ع ۽ 1990ع جي ڏهاڪن دوران ملڪ ۾ وڏي انگ ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽس ٻاهرئين ملڪ ويا جن مان اسان فائدو نه کڻي سگهياسين. هن چيو ته پاڪستان کي هن وقت نرسز ۽ ٻئي تربيت يافته ميڊيڪل عملي جي ضرورت آهي جن کي ٻاهرئين ملڪ نه موڪلڻ گهرجي ته جيئن مستقبل جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. هن چيو ته ماضي ۾ هزارين شاگرد اعليٰ تعليم جي ??اءِ ٻاهرئين ملڪ ويا جن مان هڪ وڏو انگ واپس نه آيو، اسان کي ميڊيڪل افرادي قوت کي تيار ڪري انهن کي ملڪ ۾ پنهنجي ضرورتن جي ??اءِ استعمال ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته 20 سالن جي عرصي ۾ ايم بي بي ايس جي شاگردن جو انگ ٻيڻو ٿي ويو جڏهن ته بي ڊي ايس جي شاگردن جو انگ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي. صدر تعليم جي ??عيار کي به??ر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته جڏهن تعليمي ادارن جي رينڪنگ وڌي ٿي ته ان جي ??تيجي ۾ توهان تمام گهڻو ڪجهه حاصل ڪريو ٿا، ميڊيڪل ايجوڪيشن جو معيار وڌائڻ جي ??اءِ سڌارن جو عمل ۽ ادارن ۾ بهتري آڻڻ جي ??اءِ ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. صدر چيو ته ميڊيڪل گريجوئيٽس معاشري جو حصو هجن ۽ انهن جي ذهنيت ۽ سوچ پاڪستان جي غريب عوام سان واڳيل هجڻ گهرجي، پاڪستان ڪورونا کي بهتر طور منهن ڏنو ۽ ميڊيڪل جي شعبي سان واڳيل م??ڻه?? ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۽ انهن جي علاج دوران پنهنجي جانين جي ??رباني ڏني جنهن جي ??تيجي ۾ اسان ڪورونا جي ??وذي مرض کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. صدر چيو ته ڪورونا جي ??يڪسينيشن ٻين بيمارين جي تدارڪ جي ??اءِ طبي عملي کي مهارت فراهم ڪئي آهي، هاڻي ڪينسر جي ??رض سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس جي ??رض کي گهٽ ڪرڻ جي ??اءِ قدمن جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ورچوئل تعليم جي ذريعي انفراسٽرڪچر کانسواءِ شاگردن جو انگ وڌائي سگهجي ??و.