اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته هن وقت دنيا ۾ هٿيارن بدران بيانيي جي جنگ وڙهي پئي وڃي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو، ان جي ايتري اهميت هوندي، بياني جي ذريعي اسان پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا، 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته رياستي ميڊيا جي ڊجيٽلائيزيشن لا??ِ ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي لا??ِ عملي قدم کنيا ويا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي تحت ڀرتي ٿيندڙ ڪانٽريڪٽ ملازمن جي تعارفي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اي پي پي جو مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسن، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب ڪاظمي، انفارميشن سروسز اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل سعيد جاويد ۽ اي پي پي جا سينئر آفيسر به موجود هئا. اطلاعات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته هاڻي هٿيارن بدران بيانيي ۽ راءِ جي ذريعي جنگ وڙهي ويندي آهي، جنهن جو بيانيو جيترو مضبوط هوندو ايتري ان جي اهميت هوندي. هن چيو ته تاريخ مان خبر پوي ٿي ته جتي پئسو ۽ وسيلا هئا اتي قبضو ڪيو ويندو هو، هندستان ۾ به اهڙي طرح ٿيو، برطانيه جي ايسٽ انڊيا ڪمپني اچي هندستان جي قبضو ڪري ورتو، پوءِ ان ڪمپني کي واپس وڃڻو پيو، ??ي جنگ عظيم ۾ لکين ماڻهن جون جانيون ويون، ان جنگ کانپوءِ عالمي قانون ٺهيو، دنيا جي اخلاقيات تبديل ٿي وئي. هن چيو ته اسلحي جي زور تي وڙهي ويندڙ روايتي جنگ جي ڳالهه ڪريون ته آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري ڪجهه ڪلاڪن جي اندر اتي حڪومت ڪري ڇڏي هئي، افغانستان جو پورو ڪنٽرول آمريڪا جي هٿن ۾ هليو ويو هو پر هو طاقت جي زور تي پنهنجو مقصد حاصل نه ڪري سگهيو ڇو ته دنيا ۾ غلبه حاصل ڪرڻ جي تعريف بدلجي وئي هئي. هٿيارن جي ذريعي جنگ کٽڻ بدران بيانيو حاوي ٿي ويو ۽ بيانيي جي جنگ ۾ آمريڪا کي شڪست ٿي ۽ آخرڪار ان کي افغانستان مان نڪرڻو پيو. وف??قي وزير چيو ته دنيا جي وڏيون جنگيون هاڻي بيانيي سان وڙهيون وينديون آهن، بيانيي ۾ اهائي ڌر ڪامياب ٿيندي آهي جيڪا پنهنجي دماغ جو بهترين استعمال ڪندي آهي، بيانيي جي ذريعي اسان دنيا جي سامهون پنهنجو موقف بهتر طريقي سان پيش ڪري سگهون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي دور ۾ پهريو?? ڀيرو ميرٽ تي ڀرتيون ڪيون پيون وڃن، اسان اهڙو نظام جوڙڻ چاهيون ٿا جنهن مان شفافيت نظر اچي. هن چيو ته 2016ع کان پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڊجيٽل ميڊيا جي معاملن کي ڏسي رهي هئي، سياسي پارٽي جي حيثيت سان پاڪستان تحريڪ انصاف جو ڊجيٽل ميڊيا رياست جي ميڊيا کان وڌيڪ مضبوط هو. هن چيو ته 2018ع ۾ جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسان رياستي ميڊيا کي ڊجيٽل شعبي ۾ مضبوط بڻائڻ جي ڪم جو آغاز ڪيو، اي پي پي کي رائٽرز ۽ اي ايف پي جهڙن عالمي خابرو ادارن جي طرز تي ڊجيٽل نيوز ايجنسي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، 2018ع ۾ جيڪو سوچيو، اڄ الحمد الله ان کي مڪمل ٿيندو ڏسي رهيا آهيون. هن چيو ته اي پي پي کي صحافت جي ميدان ۾ جديد دور جي گهرجن کي استعمال ۾ آڻيندي صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ جي ضرورت آهي. وف??قي وزير چيو ته 50ع ۽ 60ع جي ڏهاڪي ۾ ۽ اڄ جي ڊجيٽل دور جي صحافت ۾ وڏو فرق آهي، اي پي پي اهڙو ڪمرشل ماڊل اختيار ڪري جنهن سان وسيلا پيدا ٿين ته جيئن هو مالي لحاظ سان پنهنجي پيرن تي بيهي سگهي ۽ پنهنجي ملازمن کي وڌيڪ بهتر مراعتون ڏئي سگهي. هن اي پي پي ۾ ڀرتي ٿيندڙ نون ملازمن کي مبارڪباد پيش ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نوان ملازم پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي اداري جي وڌيڪ بهتري جي لا??ِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا. اطلاعات واري وف??قي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي ويزن کي عملي جامو پارائڻ لا??ِ اڻٿڪ ڪوششون ڪرڻ تي اي پي پي جي ايم ڊي مبشر حسن ۽ سندس ٽيم جي محنت ?? ڪوششن کي ساراهيو. ان موقعي تي ٻڌايو ويو ته اي پي پي جي نيوز آپريشن جي ري اسٽرڪچرنگ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان 789.79 ملين روپين جي لاڳت سان ان منصوبي تحت ڀرتين جي لا??ِ نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) جي ذريعي ٽيسٽ جو انعقاد ٿيو، اعليٰ پيشيوراڻيُون مهارتون رکندڙ ماهرن ٽيسٽ ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن جا انٽرويوز ڪيا جڏهن ته ڀرتين جي عمل کي شفاف بنائڻ لا??ِ اميدوارن جي انٽرويوز جي آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ به ڪئي وئي. ڊجيٽل ميڊيا جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي پهريو?? ڀيرو ريسرچرز، سوشل ميڊيا ڪانٽينٽ رائٽرز، گرافڪ ڊزائنرز جهڙين جاين تي باصلاحيت ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويو جنهن سان ڊجيٽل ميڊيا جي نئين مهارتن کي استعمال ۾ آڻي اي پي پي جديد دور جي صحافت ۾ پنهنجو ڪردار وڌيڪ موثر انداز ۾ ادا ڪري سگهندي. ان کان اڳ اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن جي باري ۾ پريزنٽيشن ڏني وئي جنهن ۾ صحافت جي شعبي ۾ اي پي پي جي ڪردار ۽ جديد ور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿيڻ جي لا??ِ ڪيل ڪوششن کي اجاگر ڪيو ويو. اطلاعات واري وف??قي وزير اي پي پي جي ڊجيٽلائيزيشن منصوبي جي لا??ِ ڀرتي ٿيندڙ ملازمن ۾ سروس ڪارڊز به ورهايا.