اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وبا جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران ت??ريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آهي ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پن??نجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائ??مي??ٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 ل?? 25 ??زار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.