اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج مو??ب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ تي خصوصي ڌيان ??يڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان مو??ب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ??يو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هنرمند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف پروگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ گهرج مو??ب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هنرمند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورتن مو??ب سکيا ۽ هنر فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هنرمند بنائڻ تي ڌيان ??يڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنرمند بڻائڻو پوندو. هنرمند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان ??ڏ رابطا ضروري آهن، نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.