لاهور – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته مريم نواز خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي ره?? آهي، نواز ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، اسان کي پنج سان ۾ انهن جو ورتل 55 ارب قرض واپس ڪرڻو آهي، زرداري جڏهن عدالت ويندو آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آهي، ضمانت ملڻ بعد هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي، آصف زرداري پيپلزپارٽي جي اهڙي حالت ڪري ڇڏ?? آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ وڙهڻ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون صرف ميڊيا جي سهاري زنده آهن، پاڪستان جي عمومي معيشت ترقي طرف گامزن آهي. هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير ??يو ته اسان کي اليڪشن نه قوم کي ڏسڻ جي ضرورت آهي، ماضي ۾ منگلا ۽ تريبيلا ڊيمن کانسواءِ ڪنهن ٻي وڏي ڊيم جي تعمير تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان ڊيمن جي تعمير تي ڪم شروع ڪيو، ڊيمن جي تعمير سان پاڻي جي ذخيرن ۾ بهتري ايندي، هن ??يو ته هن وقت ملڪ ۾ ٻه لک ڪمپنيون موجود آهن، هڪ لک 57 هزار ڪمپنيون صرف گذريل اڍائي سالن ۾ ٺهيون. وفاقي وزير ??يو ته زرعي شعبي تي اسان فوڪس رکيو، اسان جي پنج وڏن فصلن جي بمپر پيداوار ٿي، چانور، ڪڻڪ، مڪئي جي تاريخي پيداوار ٿي، ڪپهه جي پيداوار ۾ 44 سيڪڙو اضافو ٿيو، هن ??يو ته زرعي شعبي ۾ 1100 ارب روپيا اضافي ويا، پاڪستان ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن، زرعي دوائن جو رڪارڊ وڪرو ٿي رهيو آهي، وفاقي وزير ??يو ته اسان کي پنج سالن ۾ 55 ارب ڊالر جو قرض واپس ڪرڻو آهي، نواز شريف ۽ زرداري جهڙن ماڻهن قرض کڻي ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو، انهن جا ورتل قرض اسان واپس ڪري رهيا آهيون، چوڌري فواد حسين ??يو ته ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جو خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن ۾ صفايو ٿي ويو آهي، مريم نواز کي پنهنجي ڪارڪنن وٽ وڃي کين حوصلو ڏيڻ گهربو هو پر هو خيبرپختونخوا ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي ره?? آهي. هن ??يو ته اسان جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي، جڏهن زرداري کي عدالت وڃڻو هوندو آهي ته هو وهيل چيئر گهرائي وٺندو آهي ۽ معذورن جي گاڏين تي اچڻ وڃڻ شروع ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن کيس ضمانت ملند?? آهي ته هو پنهنجي قد کان وڏيون ڀڙڪيون هڻڻ شروع ڪري ڇڏيندو آ??ي. ??رداري پيپلزپارٽي جي اها حالت ڪري ڇڏ?? آهي جو اڄ پيپلزپارٽي وٽ پنجاب ۾ چونڊ لاءِ اميدوار ئي نه آهن، اهي پارٽيون هاڻي ٽي وي چئنلز جي سهاري زنده آهن، انهن جي ڪوريج بند ٿي وڃي ته اهي فارغ ٿي ويندا، انهن جي سياست هاڻي مهانگائي تي پروپيگنڊا ڪرڻ رهجي وئ?? آهي، وفاقي وزير ??يو ته پيپلزپارٽي ٽيهه سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي ۽ آصف زرداري هاڻي سنڌ جي پلان لاءِ سوچي رهيو آهي، هن ??يو ته اهي ماڻهو لاهور ۽ اسلام آباد جي چڪر ۾ لاڙڪاڻو ۽ نوابشاهه وڃڻ جا به ناهن رهيا. هن ??يو ته نواز شريف ۽ زرداري کي پنهنجي باقي زندگ?? ٻاهرين ملڪ گذارڻ?? آهي، وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان دنيا جي ستين ايٽمي طاقت آهي، اوورسيز پاڪستانين جو پنهنجي وطن لاءِ جذبو قابل تحسين آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان هڪ مستحڪم ملڪ بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پاڪستان جي عموعي معيشت ترقي طرف گامزن آهي.