زائو شن/ شوڪت چانڊيو
ان کان هٽي ڪري ته دنيا هن وقت ڪوويڊ 19 جي وبا کي منهن ڏئي رهي آهي پر بيجنگ ۾ ونٽر اول??پڪ?? راندين جون تياريون زور شور سان جاري آهن، جيڪي 4 فيبروري کان شروع ٿينديون. چين ان حوالي سان پنهنجي ڪيل واعدي کي مڪمل طور تي سرانجام ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن انتظام ڪيا آهن ۽ هن ونٽر اول??پڪ?? جي لاءِ 2015ع ۾ ٿيل واڪ ۾ حصو ورتو هو ۽ بيجنگ هن وقت سڄي دنيا مان ايندڙ رانديگرن جي آجيان لاءِ ٻانهون کولي بيٺل آهي ۽ ان سان سڄي دنيا جيڪا صديءَ جي هڪ خطرناڪ ۽ هاڃيڪار وبا کي منهن ڏئي رهي آهي ان جي لاءِ هڪ خوبصورت لمحو ثابت ٿيندو. جڏهن ته ٻين اول??پڪ?? راندين ۾ جيڪي الپائن ريزارٽ ٽائون سينٽ مورٽس سوئيٽزرلينڊ، جاپان ۾ ٿيون هيون ته جاپان پنهنجو 6 ايٿليٽس جو هڪ جٿو موڪليو هو ۽ ايشيا جو اهو پهريون ملڪ هو جنهن ان ونٽر اول??پڪ?? ۾ حصو ورتو هو. چين 1980ع ۾ ونٽر اول??پڪ?? ۾ حصو ورتو ۽ سال پڄاڻان چين انٽرنيشنل اول??پڪ?? ڪميٽي ۾ پنهنجي هڪ سيٽ جي دعويٰ ڪئي ۽ چين 16 هين ونٽر اول??پڪ?? گيمز جيڪي 1992ع ۾ ٿيون پنهنجو پهريون ونٽر اول??پڪ?? ميڊل کٽيو. جڏهن ته هو 2002ع ۾ 19 هين اول??پڪ?? ونٽر گيمز ۾ پنهنجي پهرين گولڊ ميڊل سان گڏ واپس ملڪ واپس آيو. جڏهن ته هن وقت ايشيا جي ملڪن جو ونٽر اول??پڪ?? جو پنهنجا جٿا موڪلڻ جو انگ وڌي ويو آ??ي ۽ ايشيا جا رانديگر هن وقت ونٽر اول??پڪ?? ۾ ميڊل کٽڻ جي ڊوڙ ۾ سڀ کان اڳتي آهن. هيستائين سڄي دنيا جي 20 شهرن ونٽر اول??پڪ?? جي ميزباني ڪئي آهي. جن مان 3 ايشيا ۾ آهن. جنهن ۾ جاپان جا سپورو (1972ع)، نگانو (1998ع) شهر، ڏکڻ ڪوريا جو پيان چانگ (2018ع) شامل آهن.
چين هن وقت راندين جي عالمي مقابلن ۾ فعال طور تي شرڪت ڪري رهيو آ??ي ۽ ان جي ميزباني لاءِ به سڀ کان اڳتي آهي ته جيئن سڄي دنيا سان راندين وسيلي دوستي قائم ڪري سگهجي، خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪن سان. 1963ع جي شروع ۾ چين نيو ايمرجنگ فورسز جي راندين ۾ پنهنجو جٿو موڪليو جيڪي جڪارتا (انڊونيشيا) ۾ ٿيون هيون ۽ جڏهن اهو جٿو واپس موٽيو ته انهن وٽ 66 سون جا تمغا هئا ۽ ان سان عالمي برادري جو چين جي رانديگرن طرف ڌيان ويو. 1990ع ۾ بيجنگ ايشين گيمز جي ڪاميابي کانپوءِ چين جي گادي واري شهر ثمر اول??پڪ?? جي 2008ع ۾ ڪاميابي سان ميزباني ڪئي ۽ دنيا چين ۾ هڪ شاندار تبديلي ڏٺي.
2018ع جي پيان چانگ ونٽر اول??پڪ??، 2020ع جي ٽوڪيو اول??پڪ?? ۽ هاڻي 2022ع بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? ان جو واضح ثبوت آهن. اول??پڪ?? جي مشعل ايشيا ۾ 3 ڀيرا چئن سالن ۾ ٻري آهي ۽ اسان سڄي دنيا جي رانديگرن کي بيجنگ ۾ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. ان سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪهڙو ملڪ سمر ۽ ونٽر اول??پڪ?? جي ميزباني ڪري ٿو، چين، جاپان يا ڪوريا سدائين راندين جي ميزباني لاءِ وڏي دل رکي آهي ۽ دنيا جي لاءِ پنهنجون ٻانهون سدائين کولي رکيون آهن.
بيجنگ 2022ع ونٽر اول??پڪ?? راندين جي لاءِ پاڙيسري ملڪن جي اڳواڻن نيڪ خواهشن ۽ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت جي خاطري ڪرائي آهي جنهن ۾ پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان، منگوليا جي وزيراعظم لوئانسي مرسئي اوين اردني شامل آهن. جڏهن ته ان کانسواءِ مختلف ملڪن جي حڪومتن جا نمائندا ۽ ڪميٽين جا ميمبر پڻ افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري اول??پڪ?? جي نعري ”گڏ آهيون“ کي سچ ثابت ڪندا. منگوليا جي وزيراعظم چيو آ??ي ته اول??پڪ?? رانديون سڄي انسان ذات جي لاءِ آهن. جاپان جي اڳوڻي وزيراعظم ياسو فڪودا 2022ع جي بيجنگ اول??پڪ?? راندين جي لاءِ ان خواهش جو اظهار ڪيو آ??ي ته ان وبا جي هوندي به رانديگر بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا ۽ اهي پنهنجي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا.
جاپان اول??پڪ?? ڪميٽي جي چيئرمين ياسوشيتا ياماشيتا ان اميد جو اظهار ڪيو آ??ي ته بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? مڪمل طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته دنيا جيڪا هن وقت ڪوويڊ 19 جي وبا جي ڇانوَ ۾ آهي ان کي هنن راندين وسيلي هڪ همت ۽ حوصلو ملندو.
ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آ??ي ته ريپبلڪ آف ڪوريا سدائين بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? جي حمايت ڪئي آهي ۽ اميد آهي ته هي رانديون اتر، اوڀر، ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ مددگار ثابت ٿينديون ۽ ان سان گڏوگڏ ڪوريا سان رابطن کي پڻ هٿي ملندي. جڏهن ته ان کانسواءِ اول??پڪ?? ڪائونسل مليشيا جي صدر محمد نورزا ذڪريا، سريلنڪا جي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري وزير نمل راجا پاڪسا ۽ ٻين پڻ ونٽر اول??پڪ?? جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آ??ي.
جڏهن ته پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 جنوري تي چيني ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي ڪوششن ۽ ونٽر اول??پڪ?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو هو ته مون کي يقين آهي ته ونٽر اول??پڪ?? رانديون يقيني طور تي ڪامياب ٿينديون ۽ پاڪستان انهن ۾ حصو وٺندو ۽ ان کي ڀرپور نموني سان انجواءِ ڪندو. هن چيو ته مون کي اميد آهي ته نوجوان نسل راند ۾ شرڪت ڪري واپس موٽندو ته انهن وٽ هڪ خوبصورت ياد هوندي ۽ اهي پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن انهن خوبصورت يادن سان موٽندا.
جڏهن ته 12 جنوري تي ڀارتي ميڊيا تي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? جي حمايت جي فيصلي جو بيان جاري ٿيو جنهن ۾ نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائيزر اجيت ديول ڀارتي حڪومت جي تناظر ۾ چيو ته ڀارت پاڙيسري پهرين جي پاليسي تي قائم آهي.
4 جنوري هڪ مهينو اڳ بيجنگ ونٽر اول??پڪ?? جي تيارين جي سلسلي ۾ چين جي صدر شي جن پنگ راندين جي هنڌ جو دورو ڪيو هو جنهن ۾ مکيه ميڊيا سينٽر، ونٽر اسپورٽس ٽريننگ بيس ۽ ٻين جاين جو جائزو ورتو هو. جڏهن ته چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وينگ وين بن ريگيولر پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته پريزيڊنٽ شي جي تازي دوري سان عالمي برادري کي 3 اهم پيغام ويا آهن ته چين پنهنجي واعدي کي اعزاز سمجهي ٿي. چين تيار آهي ۽ چين پراعتماد آهي ته هو هن وبا جي ڏينهن ۾ به ونٽر اول??پڪ?? کي ڪامياب بڻائيندو ۽ بيشڪ چين پنهنجي نيشنل اسٽيڊيم ۾ اول??پڪ?? جي مشعل ٻارڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ سڄي دنيا کي محفوظ راندين وسيلي اول??پڪ?? جو امن، دوستي ۽ ترقي جو پيغام ڏيندو.