اسلام آباد – 31 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي ??ي سمري رد ڪري ڇڏي. اوگرا پيٽرول 11 رپيا ۽ ڊيزل 14 رپيا في ليٽر وڌائڻ جي سمري موڪلي هئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ وڌندڙ مهانگائي جي ڪري تيل جون قيمتون وڌي رهيون آهن پر پا??ست??ني عوام کي ان مهانگائي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. ان لاءِ وزيراعظ?? ان سمري کي رد ڪري ڇڏيو. هن وقت حڪومت ان وڌندڙ قيمت جو بار پنهنجي مٿان کڻندي ۽ عوام کي اضافي ??ار کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندي.