بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آهي، سي پي?? سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، سي پي?? جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي ??ثب?? اثر پيا آهن. وز??راعظم چين جي دوري دوران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پي?? جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وز??راعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊي آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وز??راعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آهي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري سي پي?? منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وز??راعظم چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پي??، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آهي، سي پي?? سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آهي، وز??راعظم چيو ته سي پي?? جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پاڪستاني معيشت تي ??ثب?? اثر پيا آهن. سي پي?? منصوبن ملڪ جي پائيدار ??عا??ي ترقي جو ٺوس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پاڪستان جي ??عا??ي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، وز??راعظم چيو ته سي پي?? بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وز??راعظم چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو ??عا??ي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ چيو ته چين سي پي?? منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پي?? منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آهي، گذريل 7 سالن ۾ چين پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊي آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پي?? منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وز??راعظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ڪندي اين ڊي آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊي آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي سي پي??، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪندو ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پاران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر ۽ چين پاران اين ڊي آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.