اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ جديد تحقيق ۽ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ تعليم جي شعبي ۾ انقلابي تبديلي کي لازمي قرار ڏيندي چيو آهي ته جديد دور جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز خاص طور تي مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا ايناليٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، رو??ونڪس ۽ آٽو ميشن جي ميدا?? ۾ ??وم کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در اهڙن خيالن جو اظهار ايوان ??در ۾ نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) اسلام آباد بابت بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. نسٽ جي ريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) انجنيئر جاويد محمود بخاري ??در کي سائنس ۽ انجنيئرنگ جي معياري تعليم فراهم ڪرڻ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته نسٽ پاڪستا?? ۾ ??نهنجي نوعيت جو ??هريون بين المضامين تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي ته جيئن محققين جي ايندڙ نسل کي ان جي مهارت سان ليس ڪري سگهجي ۽ نئين معلومات ۽ ٽيڪنالاجيز تخليق ڪري سگهجن. هن وڌيڪ چيو ته نسٽ هڪ گهڻ شعبا يونيورسٽي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ مختلف شعبن جهڙوڪ انفارميشن ٽيڪنالاجي، سوشل سائنسز ۽ هيومنٽيز ۽ آرٽس، ڊيزائن ۽ آرڪيٽيڪچر ۾ تعليم فراهم ڪري رهي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي پنهنجي ٻن پروگرامن ايم ايس انجنيئرنگ مئنيجمينٽ ۽ ايم ايس پيس اينڊ ڪانفليڪٽ اسٽڊيز آن لائين تعليم ذريعي پيش ڪرڻ جو ??نصوبو ٺاهيو آهي. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي سائبر سيڪيورٽي، ڊيٽا اينالٽڪس، ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آرٽيفيشل انٽيليجنس، فنانس، مئنيجمينٽ ۽ مارڪيٽنگ ۾ فليگ شپ ڪورسز ۽ تربيت فراهم ڪري ملڪ جي پيشيواراڻي ضرورتن کي پورو ڪري رهي آهي. اجلاس کي خطاب ڪندي ??در چيو ته مارڪيٽ جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ جي لاءِ گريجوئيٽس جي انگ ۾ اضافي جي لاءِ آن لائين تعليم جي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪرڻ لازمي آهي. هن يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ شاگردن جي مهارت کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ آءِ ٽي پروفيشنلز جي وڌندڙ گهرج کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪي رو??نگي واپار کي به وڌائي سگهجي. هن نسٽ ۾ نيشنل سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ قائم ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته ملڪ جي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ هائي ٽيڪ ڪمپنين پاران ??ير??لڪي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ سان گڏوگڏ جدت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي منصوبن کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ??در آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ سائنس جي تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ يونيورسٽي جي انتظاميا جي ڪوششن کي ساراهيو.