اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدران اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان انس??يٽ??وٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل روشن آهي، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سنهري موقعو آهي، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ??ري رهي آهي، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آهيون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ??ري رهي آهي جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته قوم ترقي نٿي ??ري سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رستو آهي. هن چيو ته جنگ ۽ قتل ع??م جي تاريخ تمام پراڻي آهي، سڀني مذهبن امن جي تعليم ڏني آهي، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ??ري جنگيون ٿينديون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا وڏيون جنگيون ڏسڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخلاقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري جو سبق ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائدو کڻڻ جو سنهري موقعو آهي. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي ??ها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائدو کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته فيڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا منفي اثر پوڻ نه ڏين.