اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م شهباز شريف شيشپر گليشيئر ڍنڍ مان پاڻي خارج ٿيڻ سان ٿيندڙ تباهي تي هنگامي قدمن جو حڪم ڏيند?? چيو آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ۽ محفوظ جاين تي منتقلي يقيني بڻائي وڃي. وزي??اع??م آفيس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م متاثر علائقن ۾ خوراڪ، دوائون ۽ ضروري هنگامي سامان پهچائڻ جو حڪم ڏنو. وزي??اع??م وفاقي ادارن کي گلگت بلتستان جي حڪومت جي ڀرپور معاونت جو حڪم ڏيندي نقصانن ۽ متاثر عوام جي حوالي س??ن رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزي??اع??م شاهراهه قراقرم تي حسن آباد پل ڪري پوڻ سبب متبادل رستو ا??تيار ڪرڻ، زرعي ۽ پيئڻ جي پاڻي جي نظام جي تباهي سان نقصانن، 2 بجلي گهر متاثر ٿيڻ جو ڪاٿو لڳائڻ جي پڻ هدايت ڪندي 700 ۽ 250 ميگاواٽ بجلي گهرن جي جنگي بنيادن تي بحالي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته بجلي گهرن جي بحالي، مرمت تي خرچ وفاقي حڪومت ادا ڪندي، شاهراهه قراقرم کي ٿيندڙ نقصان بابت پڻ رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي. وزي??اع??م چيو ته متاثر عوام جي ڀرپور هنگامي مدد ۽ بحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. وزي??اع??م متاثر خاندانن سان نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو ا??هار ڪيو.