اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪندي هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃ??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وج?? وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ کنڊ جو ذخيرو ۽ قيمت مستحڪم رکڻ لا??ِ کنڊ جي روانگي واپار تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته پهرين عوام جي ضرورت کي پورو ڪيو وڃ?? ۽ کنڊ جي قيمت کي مستحڪم ڪيو وڃ??. وزيراعظم اسمگلنگ جي خلاف سخت قدمن جو به حڪم ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته ذخيرو ڪندڙن، ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ۽ هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن سان سختي سان منهن ڏنو وڃ??. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان مسلسل آگاهه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته ان سلسلي ۾ غفلت ۽ ڪوتاهي ٿي ته لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميدار هوندو.