اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ۾ 75 هون ??زا??ي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضائيه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي ن??از کانپوءِ خصوصي دعائن سان ٿي جنهن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعا ڪئ?? وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب منعقد ڪئ?? وئي. ايئر وائيس مارشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئ?? جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿ?? قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو ??زا??ي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.