اسلام آباد – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف بجلي جي وڌيڪ بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن جو سخت نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عم??دارن کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير، خاص معاون احد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عم??دارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي شڪايتن جي ازالي تائين سک سان نه وي??ندس. خادم پاڪستان عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي عوام آڏو جوابده آهي. آئون پنهنجي عوا?? سان سدائين سچ ڳالهائڻ جي وچن تي قائم آهيان. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي بجلي جي بلن جي حوالي سان عوامي شڪايتن تي ترجيحي بنيادن تي تفصيلي رپورٽ ۽ سفارشون جوڙي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.