اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف نيشنل فلڊ ريسپانس ڪوآرڊينيشن ??ينٽر (اين ايف آر سي سي) جو دورو ڪيو. اين ايف آر سي سي جي ڊپٽي چيئرمين ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي معزز مهمانن جو استقبال ڪيو. اين ايف آر سي سي موجب دوري دوران وفاقي وزيرن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ ملٽري عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٻوڏ جي تازي صورتحال، ايندڙ 4 هفتن جي لاءِ مستقبل ۾ برسات جي اڳڪٿي ۽ متاثر آبادي جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جي طريقيڪار، مواصلاتي انفراسٽرڪچر جي بحالي، متاثر ماڻهن جي لاءِ ??ور??ڪ جي فراهمي، بي گهر متاثر ماڻهن کي پگناهه ۽ طبي امداد جي فراهمي جي منصوبن بابت ??فص??لن کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نقصانن جي تشخيص جي لاءِ گڏيل سروي جلد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم ان قومي آفت دوران سول انتظاميا خاص طور تي اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ۽ سول آرمڊ فورسز بشمول پاڪستان رينجرز ۽ فرنٽيئر ڪور ??ان گڏجي هٿياربند فوج جي سمورن ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن کي ساراهيو. بنيادي ڍانچي جي مرمت ۽ سارسنڀال جي لاءِ اين ايڇ اي، ايف ڊبليو ۽ پاڪستان آرمي جي انجينئرز جي مسلسل ۽ تيز رفتاري ??ان ڪم کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته هاڻي ا??ان جو ڌيان متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي تي آهي جيڪي ان قدرتي آفت کان متاثر ٿيا آهن. وزيراعظم خصوصي طور تي سوات ۾ قراقرم هاءِ وي، بحرين پل ۽ ڊي آءِ خان ۾ سگو پل کي کولڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪندڙ فوجي دستن کي ساراهيو ۽ چيو ته ا??ان هڪ ٺوس قومي ڪوشش ذريعي ئي ان قدرتي آفت تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. وزيراعظم زور ڏئي چيو ته ا??ان کي ان چئلينج جو جواب ڏيڻ جي لاءِ هڪ قوم طور اڳتي وڌڻو پوندو، جيتوڻيڪ چئلينج تمام وڏو آهي پر هي متحرڪ ۽ مضبوط ٿيڻ جو موقعو به آهي. وزيراعظم هن مشڪل دوران پاڪستان ??ان رابطو ڪرڻ ۽ عالمي حصيدارن جي حيثيت ??ان مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن ??ي عالمي برادري، دوست ملڪن ۽ تنظيمن جا ٿورا مڃيا.