اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ انساني همدردي ج?? بنياد ??ي قائم ڪيل فضائي پل جي تسلسل ۾ گڏيل عرب امارات مان شيڊيول موجب هڪ امدادي اڏام نور خان ايئربيس راولپنڊي پهچي ??ئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مج??وع?? طور تي 19 اڏامون خوراڪ، طبي سامان ۽ خيما کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان آزمائش جي هن گهڙيءَ ۾ حمايت ?? يڪجهتي جو مظاهرو ڪرڻ تي گڏيل عرب امارات جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورائتو آهي.