ڪراچي – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه تازي ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي مصيبتن کان چڱي ري?? آگاهه آهي ۽ انهن جي ڀلائي ۽ بحالي لاءِ ??ر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. جاري بيان موجب پاڪ فضائيه بلوچستان، سنڌ، خيبرپختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ ??تاثر علائقن ۾ ڀرپور طريقي سان امدادي ڪارروايون ۽ ري??ڪيو جي عمل ۾ سول انتظاميه جي مدد ڪري ري??ستي ادارن کي وڌيڪ فعال ڪري رهي آهي، فضائيه فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپس به قائم ڪيا ويون آهن جتي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف 24 ڪلاڪ ٻوڏ ??تاثرن کي طبي سهولتون ۽ مفت دوائون فراهم ڪري رهيا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته امدادي ڪاررواين دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ري??پانس ٽيمن تيار کاڌو، ??شڪ راشن ۽ ٻيون ضروري شيون و??ها??ون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران اٺال، لاکڙا، مٽياري، شهدادڪوٽ، صبحتپور، قلعه عبدالله، فاضل پور، جهل مگسي، حاجي پور، بستي شهر محمد ۽ بستي جاگير گبول جي ضرورتمند خاندانن ۾ 15 هزار 719 پڪل کاڌي جا پيڪيٽ، 507 پاڻي جون بوتلون ۽ 3 هزار 415 ??شڪ راشن جا پيڪيٽ و??ها??ا، پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ري??پانس ٽيمون ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ مصروف آهي، فضائيه جي ميڊيڪل ٽيمن 2 هزار 416 مريضن جو طبي معائنو به ڪيو، پاڪ فضائيه جو چوڻ آهي ته هو قدرتي آفتن دوران انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪرڻ ۾ سدائين اڳيان اڳيان رهي آهي.