اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئر فورس وومينز ايسوسيئيشن (پفوا) هاڻ تائين فلڊ رليف مهم ۾ 28.3 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن، اها رقم پي اي ايف فلڊ رليف ۾ جمع ڪرائي وئي ??هي. پفوا جي ڪوششن ۽ پاڪ فضائيه جي ع??رت?? جي فعال شرڪت جي نتيجي ۾ وڏي مقدار ۾ مردن، ع??رت??، ٻارن جا ڪپڙا، ڪمبل، بسترا ۽ دوائون گڏ ڪيون ويون آهن. هوائي فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان مطابق هاڻوڪي مون سون جي برساتن ۽ قومي سطح تي ٻوڏ جي تباهه ڪارين جي اُڀرندڙ صورتحال جي تناظر ۾ سڄي ملڪ ۾ انسانيت کي بچائڻ لاءِ قومي سطح جي ڪوششن ۽ سهڪار جي ضرورت ??هي. پفوا هڪ فلاحي تنظيم هئڻ جي ناتي قدرتي آفتن جي متاثر ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائڻ لاءِ امدادي سرگرميون منعقد ڪيون ۽ ان ۾ هميشه اڳڀرائي ڪئي ??هي. ان سلسلي ۾ پفوا فلڊ رليف مهم ۾ هاڻ تائين 28.3 ملين رپيا گڏ ڪيا آهن.