اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني (سي اي سي ايم سي) جي فيز 2 جي ڪمرشل آپريشنز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ٿر ڪول مائنز بلاڪ 2 اسلام ڪوٽ جي دوري جي موقعي تي وزير??عظ?? ان سلسلي ۾ تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، بجلي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، سنڌ جي وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ سميت ٻيون اهم شخصيتون موجود هيون. وزير??عظ?? ٿر انرجي لميٽيڊ جي 330 ميگاواٽ جي پاور پلانٽ جي افتتاح کانپوءِ ٻوٽو پڻ لڳايو.