اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي پاڪستان تح??يڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳ??، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو ته پاڪستان تح??يڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي قاتلاڻي حملي ۾ بچي وڃڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪريان ٿو، ان جي ٽنگ ۾ ڪجه?? گوليون لڳڻ س??ن هو زخمي ٿيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سندس حالت نازڪ نه آهي. هن چيو ته اهو حملو افسوسناڪ، ڳڻتي جوڳ??، مڪروهه فريب سان ڀريل ۽ بزدلاڻو آهي، الله ان کي ۽ سمورن زخمين کي صحت عطا فرمائي.