اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اظها?? راءِ جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي تي پختو يقين رکي ٿي، صحافين جي ڀلائي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل صدر اعظم چوڌري، سينيئر نائب صدر شاداب رياض، نائب صدر ظهير احمد بابر، سيڪريٽري عبدالمجيد ساجد، جوائنٽ ??يڪريٽري حسن تيمور جهڳڙا ۽ فنانس سيڪريٽري حافظ فيض احمد سميت گورننگ باڊي جي ميمبرن کي لاهور پريس ڪلب جي چ??نڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل قيادت صحافين جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. هن چي?? ته لاهور جي صحافي برادري آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير لاهور پريس ڪلب جي نئين چونڊيل باڊي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.