اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٻطرفو واپار وڌائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نئين موقعن ۽ مندي?? جي ڳولا، مصنوعات ۽ خدمتن کي سگهارو بڻ??ئڻ ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ۽ سياسي استحڪام کي يقيني بڻ??ئي ٻطرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ برطانيا پاران واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ سان ملڪ جي معاشي صورتحال کي بهتر بڻ??ئڻ ۾ مدد ملندي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ برطانيا جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر سان هتي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي 2021ع ۾ 3.1 ار?? پائونڊ جي سطح کان مختصر عرصي ۾ 10 ار?? ڊالر ساليانو تائين وٺي وڃي سگهجي ٿو. هن چيو ته ٻطرفي معاشي لاڳاپن ۾ اضافي سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مستقبل ۾ ترقي جي شرح کي برقرار رکي سگهبو. صدر چيو ته برطانيا جي اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ واپاري اسڪيم پاڪستان کي ٽيرف ۾ گهٽتائي ۽ آسان شرطون فراهم ڪندي، واپاري اسڪيم سان پاڪستان مان برطانيا کي 94 سيڪڙو کان وڌيڪ شي?? جي ڊيوٽي فري برآمد ممڪن ٿي سگهندي. صدر برطانيا جي اسرندڙ ملڪ?? جي لاءِ واپاري اسڪيم ۾ پاڪستا?? جي شموليت کي ساراهيندي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ آزاد واپاري معاهدي تي صحيحون ڪرڻ جي لاءِ اڳڀرائي تيز ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته 120 برطانوي ڪمپنيون پاڪستان ۾ اٽڪل 10 ار?? ڊالر جي مجموعي سيڙپڪاري سان ڪم ڪري رهيون آهن. صدر چيو ته مالي سال 21 – 2020ع ۾ ايف ڊي آئي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 117 ملين ڊالر کان وڌي 143 ملين ڊالر تائين پهچي ويو. صدر مختلف شعبن ۾ لاڳاپا اڳتي وڌائڻ جي لاءِ 10 سالا روڊ ميپ تيار ڪري ٻطرفي پارٽنرشپ بهتر بڻ??ئڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون ۽ دهشتگردي جي اتمي ۾ تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي. ملاقات دوران صدر پاڪستاني شاگرد?? جي ذهانت کي وڌائڻ ۽ ملڪ جي تعليمي نظام کي بهتر بڻ??ئڻ جي لاءِ برطانيا ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ باعلم پاڪستانين کي شامل ڪرڻ ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستا?? جي ذريعي انه?? جي علم، مهارت کي منتقل ڪرڻ جي لاءِ هڪ نظام ٺاهڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ آءِ ٽي سمت سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي اهم شعبن ۾ تعاو?? جي لاءِ ٻنهي يونيورسٽين سان برطانيا جي اعليٰ تعليمي ادار?? جي وچ ۾ رابطا پيدا ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿيا، ??ال??ي برادري کي گلوبل وارمنگ ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي، ??ال??ي برادري کي موسمياتي تبديلي?? جي خطرن ۾ ورتل ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مدد ڪرڻ گهرجي. برطانوي هاءِ ڪمشنر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان پنهنجي انگريزي ڳالهائيندڙ افرادي قوت ۽ وچ اوڀر سان ويجهڙائي جي ڪري برطانوي ڪمپنين پاران سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ملڪ آهي. هن چيو ته معاشي ۽ سياسي استحڪام ۽ پائيدار پاليسين سان پاڪستان ۾ برطانيا پاران سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۾ وڌيڪ مدد ملندي.