اسلام آباد – 20 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلز??ار??ي جي چيئرمين ??لاول ڀٽو زرداري شيخوپوره جي سينيئر ??ار??ي ڪارڪن چوڌري محمد دين ??رف ڪاڪا جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته شيخوپوره سان تعلق رکندڙ ??ار??ي جي باني ميمبر چوڌري محمد دين ??رف ڪاڪا جي پونئيرن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بلاول ڀٽو زرداري دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ پونئيرن کي صبر جميل ڏي.