اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميانوالي جي ٿاڻي مڪڙوال تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي پنجاب پوليس کي شاباش ڏيندي غير معمو??ي بهادرري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس آفيسرن ۽ جوانن کي انعام ۽ تعريفي سرٽيفيڪٽ ??يڻ جو اعلان ڪ??و آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? چيو ته دهشتگردن کي ڀڄائيندڙ پنجاب پوليس جي آفيسرن ۽ نوجوانن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. پوليس دهشتگردي ۽ ڏوهن جي خاتمي ۾ اسان جو قابل فخر هر اول دستو آهي. دهشتگردن جي خلاف سڄي قوم ۽ ادارا متحد ۽ هڪ آواز آهن. وزيراعظ?? چيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۾ پنجاب پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي ڪردار ۽ ج??بي تي سڄي قوم کي فخر آهي. پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي وڌيڪ مضبوط ۽ ج??يد هٿيارن سان ليس ڪنداسين. سڄي قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پنهنجي بهادر فورسز سان گڏ آهي.