اسلام آباد – 02 ?? فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر ??زيراعظم محمد ش??با?? شريف جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر ??قرر ڪري ڇڏيو آهي. جعفر خان مندوخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر ??امزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد ش??با?? شريف سان جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد ش??با?? شريف جعفر خان مندوخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر مندوخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي بهتر طور منظم ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي بهتر طريقي سان سرانجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.