اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪندي ان جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وفاقي سرڪاري عمارتن تائين وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته وزيراعظم چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ م??حول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي گهٽ بار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سڄي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولر??ئي??يشن تي اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 496، ملڪ جي وڏن شهرن ??نهن ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، ڪوئيٽا ۾ 340 ۽ ٻين علائقن ۾ 1255 سرڪاري عمارتن تي سولر پينلز لڳايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ موجود سرڪاري عمارتن ۾ سولر پينلز کي لڳائڻ جو ڪم ??نگ??مي بنيادن تي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، وفاقي وزيرن ??واجه آصف، اسحاق ڊار، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خصوصي معاون جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ??رڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف سولر??ئي??يشن منصوبي جي حوالي سان وڏا فيصلا ڪندي اسلام آباد جي سرڪاري عمارتن ۾ ايندڙ 7 هفتن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي منصوبو مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي واضح هدايت ڪندي چيو ته هو درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ قدم لاڳو ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل برداشت نه ڪندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته باقي ملڪ ۾ سرڪاري عمارتن جي سولر??ئي??يشن تي ڪم فوري طور تي شروع ڪيو وڃي. هن چيو ته حڪومت گهٽ لاڳت ۽ م??حول دوست بجلي سان عوام جي کيسن تي بار گهٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.