اسلام آباد ??? 08 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف معاشري ۾ عورتن جي شاندار ڪردار تي انهن کي ??را?? تحسين پيش ڪندي چيو آ??ي ته انساني حقن ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان سرگرم ڪارڪن عائشه صديقه جهڙيُون نوجوان پاڪستاني ڇوڪريون ملڪ جي روشن مستقبل جي لاءِ اميد جو ڪرڻو آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته عائشه صديقه پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي دنيا کي هڪ بهتر جڳهه بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته پنهنجي جدوجهد جي ذريعي معاشري ۾ متحرڪ ۽ فعال ڪردار ادا ڪندڙ عورتون اميد جو ڪرڻو ۽ روشن مستقبل جي نويد آهن. واضح ر??ي ته 24 سالا عائشه صديقه جي خدمتن جي اعتراف ۾ ٽائيم ميگزين کيس ”هلن??ڙ سال جي عورت“ قرار ڏنو آهي.