مظفر ڳڙهه – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي حوالي ??ان ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڊي ايڇ ڪيو اسپتال مظفر ڳڙهه ۾ فراهم ڪئي ويندڙ سهولتون بهتر آهن پر هتي ڪارڊيالوجي جي شعبي ۾ سهولتن جي سخت ضرورت آهي، ايمرجنسي جي حوالي ??ان جديد سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، مظفر ڳڙهه ۾ مدر اينڊ چائلڊ اسپتال به ضرور ٺـهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مظفر ڳڙهه جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ پنجاب ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ڪاليج (ٽيوٽا) جي دوري کانپوءِ صحافين ??ان ڳالهائيندي ڪيو. مملڪتي وزير اسپتال ۽ ڪاليج ۾ مختلف شعبن جو معائنو ڪيو. سي اي او هيلٿ ڊاڪٽر ظفر عباس، ايم ايس ڊاڪٽر ضياءَ الحسن ۽ پي ايم اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر يوسف نسيم بخاري مملڪتي وزير حنا رباني کر کي اسپتال جي حوالي ??ان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ضياءَ الحسن چيو ته ايڪسري جي ڊيجيٽل فلمن ايل ??ي ڊيز تي پابندي سبب پورٽ تي ڦاٿل آهن، جڏهن ته ڊالر وڌڻ جي ڪري به فلمن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، جنهن جي ڪري به مشڪلاتون وڌيون آهن. اسپتال انتظاميا مملڪتي وزير کي اسپتال ۾ عملي، وسيلن جي گهٽتائي ۽ مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته هو ان حوالي ??ان لاڳاپيل ??ملدارن ??ان ڳا??هه ٻو??هه ڪندي.