اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف تيز ۽ سستي ??نص??ف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جي ڪردار کان عوام کي ??گاهه ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور مهم هلائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جي شڪايتن کي ??نهن جي درن تي حل ڪرڻ جي سلسلي ۾ وفاقي محتسب جي صلاحيت وڌائيندي ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين ان جي پهچ کي س??هه ڏني وڃي، سرڪاري اهلڪارن جي هٿان زيادتين ۽ نا??نص??في جو شڪار ماڻهن کي فوري ريليف فراهم ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي محتسب پاڪستان اعجاز احمد قريشي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2022ع پيش ڪئي. اعجاز احمد قريشي صدر کي ??ال 2022ع جي دوران سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف ماڻهن کي ??نص??ف جي فراهمي ۾ وفاقي محتسب جي ڪردار ۽ ڪاميابين بابت ٻڌايو. هن ٻڌايو ته اداري کي 2021ع ۾ 110398 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 164174 شڪايتون مليون. وفاقي محتسب 2021ع ۾ 106732 شڪايتن جي مقابلي ۾ 2022ع ۾ 157770 شڪايتن جو ازالو ڪيو جيڪي 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. هن وڌيڪ چيو ته شڪايتن جي انگ ۾ غيرمعمولي اضافي ۽ ڪيسن کي ??يزي سان اڪلائڻ مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته ماڻهو محتسب جي اداري تي ڀروسو ڪن ٿا، جيڪو انهن کي فوري ۽ سستو ??نص??ف فراهم ڪري رهيو آهي. وفاقي محتسب ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پرڏيهي پاڪستانين جي شڪايتن جي ازالي لاءِ پاڪستان جي سمورن عالمي هوائي اڏن تي ون ونڊو فيسيلي ٽيشن ڊيسڪ قائم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته 2022ع دوران حڪومت جي لاڳاپيل ادارن بشمول نادرا، پاسپورٽ آفيس، او پي ايف وغيره پاران 137647 سمنڊ پار پاڪستانين کي ??هولتون فراهم ڪيون ويون. هن چيو ته وفاقي محتسب ڏورانهن علائقن ۾ شڪايت ڪندڙن کي ??نهن جي درن تي فوري ريليف فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميرپورخاص، خضدار ۽ سوات سان گڏوگڏ اڳوڻي قبائلي علائقن ڪرم ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ آفيسون قائم ڪيون آهن. وفاقي محتسب صدر کي ??ڪرارن جي غيررسمي حل ۽ کليل ڪچهري بابت پنهنجي خصوصي قدمن کان آگاهه ڪيو ته جيئن عام ماڻهن کي ??هتر خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي س??هجي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن شڪايت ڪندڙن جي درخواست تي آن لائين شڪايتون ٻڌڻ جو اهتمام پڻ ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ آن لائين شڪايتن جي وصولي ۾ 97 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته محتسب جو ادارو پنهنجي پهچ ۽ صلاحيت کي وڌيڪ وڌائڻ چاهي ٿو پر ان ڏس ۾ مالي مشڪلاتون درپيش آهن. وفاقي محتسب صدر کي ??هو به ٻڌايو ته انٽيگريٽڊ ڪمپلينٽ ريزولوشن (آءِ سي آر) سسٽم تحت محتسب شڪايتن کي فوري اڪلائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي 183 مختلف ادارن کي ڳنڍيو آهي. صدر عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت ??نص??ف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي محتسب کي چيو ته هو جديد آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪندي پنهنجي پهچ ۾ اضافو ڪري ۽ ميڊيا جي ذريعي ان جي فعال ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪري. صدر خدمتن جي فراهمي ۽ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني کي ??هتر بڻائڻ جي سلسلي ۾ محتسب جي بهترين ڪارڪردگي کي ??اراهيو. هن وفاقي محتسب جي اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ انتظامي احتساب جي هڪ اهم اداري طور ان جي رتبي کي وڌائڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو.