ڪراچي – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پنجاب جي ثقا??ت پنهنجي بنياد ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان سڀ کان وڌيڪ سگهاري ۽ متحرڪ آهي، هن سرزمين کي پنجاب انهي لاءِ چوندا آهن ته هتي 5 درياءَ پاڻ ۾ مل?? ٿا. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بي??ن موجب بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جي ثقافت جي ڏهاڙي جي م??قعي تي پنهنجي پيغام ۾ پنجاب سميت پوري م??ڪ جي عوام کي پنجاب جي ثقافت ڏهاڙي جي مبارڪباد ڏني آهي. هن چيو ته ثقافت ماڻهن کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جو مضبوط ذريعو آهي، پنهنجي ثقافت کان ڌار ٿي جيئندڙ شخص هجي يا قوم، اڌورا ره?? ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ ثقافتي گهرائپ اسان جي معاشري جي خوبصورتي ۽ طاقت آهي، جنهن کي وڌيڪ اتحاد ۽ مضبوط وفاق پاڪستان جي لاءِ ملهائڻ گهرجي.