اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل ??ي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چي?? ته شهيد ڀٽو جي حوالي سان پوري دنيا کي خبر آهي ته اهو هڪ عدالتي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه ج?? اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چي?? ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي بانين مان هو ۽ اها ملڪ جي تاريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چي?? ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظم چي?? ته اڄ ئي اليڪشن جي حوالي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.