اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي شه??دن کي قوم جو اثاثو قرار ڏيندي چيو آهي ته قوم انهن جون قربانيون ڪڏهن به نه وساريندي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? اهڙن خيالن جو اظهار 12 م??ي جي مسلم باغ بلوچستان دهشتگرد حملي جي شه??دن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. صد?? شه??دن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شه??دن کي خراج عقيدي پيش ڪندي قوم جي لاءِ خدمتن تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صد?? شه??دن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. شه??دن جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه دوران صد?? جون اکيُون ڳوڙهن هاريون ٿي ويون. صد?? حوالدار عبدالرحيم، محمد عرفان ۽ نديم اقبال جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن اسٽينو ٽائپسٽ غلام فريد ۽ سينيٽر ورڪرز صابر مسيح ۽ شان مسيح جي پونئيرن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي لان?? نائيڪ ??هي?? مشتاق ۽ سپاهي سعيد اسلم ۽ طلال جامي جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. صد?? ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته شه??د قوم جو اثاثو آهن، قوم انهن جون قربانيون نه وساريندي. هن شه??دن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو ۽ قوم پاران خراج عقيدت پيش ڪيو.