ڪوئيٽا – 30 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بل??چس??ان ۾ 19 سالن کانپوءِ قومي رانديون منعقد ٿيڻ خوش آئنده قدم آهي جيڪو ان ڳالهه جي دليل آهي ته بل??چس??ان هڪ پرامن صوبو آهي جتي صحتمنداڻي سرگرمي?? جو منعقد ٿيڻ ممڪن آهي، منظم انداز ۾ قومي سطح تي انهن راندين جي منعقد ٿيڻ تي منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. اهڙن خيال?? جو اظهار هن 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي بل??چس??ا?? جو گورنر عبدالولي خان ڪاڪڙ، راندين ۽ ثقافت وارو صوبائي وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چس??ان عبدالعزيز عقيلي پڻ ??وج??د هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پنهنجي ذاتي پئسن سان 1948ع ۾ جيڪا ٽرافي خريد ڪئي هئي اها اڄ به بل??چس??ان ۾ ??وج??د آهي ۽ قائداعظم جي بل??چس??ان ۽ راندين سان محبت جو مظهر آهي. قائداعظم محمد علي جناح ۽ محترمه فاطمه جناح نوجوانن جي مثبت رخ ۾ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندا هئا ۽ اڄ به اسان کي انهن عظيم شخصيتن جي رستي تي گامزن رهڻ جي ضرورت آهي. ڪوئيٽا ۾ نيشنل گيمز منعقد ڪرڻ سان پوري دنيا تي واضح ٿيو ته بل??چس??ان هڪ پرامن ۽ محفوظ صوبو آهي، ??وج??ده ۽ اڳوڻي حڪومتن بل??چس??ان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون جيڪي ڪارائتيون ثابت ٿيون، هي صوبو بنا ڪنهن شڪ جي زرخيز ۽ معدني دولت سان مالامال خطو آهي جيڪو پوري ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته بل??چس??ان ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير توهان نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، اڄ جي محنت سڀاڻي جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن موجب ترقي جا هدف اتحاد جي ذريعي ئي حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ اهو واضح آهي ته ??ا به طاقت بل??چس??ان ۽ پاڪستان کي ترقي ڪرڻ کان نه ٿي روڪي سگهي. صدر سمورن رانديگرن، منتظمين ۽ پوليس کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته بهترين ۽ منظم انداز ۾ قومي سطح جون رانديون منعقد ڪرڻ هڪ ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي، 34 هين نيشنل گيمز جي پڄاڻي واري تقريب ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامياب ٽيمن سان گڏوگڏ بل??چس??ان جي راندين ۽ ثقافت واري وزير عبدالخالق هزاره، چيف سيڪريٽري بل??چس??ان عبدالعزيز عقيلي، سيڪريٽري اسپورٽس محمد اسحاق جمالي، بل??چس??ان پوليس جي نمائندي کي شيلڊ پيش ڪئي. تقريب ۾ بلوچي چاپ سميت رنگارنگ پروگرام پڻ پيش ڪيا ويا.