اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي ۾ نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي، نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ قدم شامل ڪي?? وڃن، نوجوانن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪست??ن اينڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام جي حوالي سا?? بجيٽ تجويزن تي منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڏنيون. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، احسن اقبال، راڻا ثناءُ الله، راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي صلاحڪار احد خان چيما، خاص معاونين ملڪ احمد خان، عطاءُ الله تارڙ، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايندڙ بجيٽ ۾ پي ايس ڊي پي تحت نوجوانن جي ترقي جي لاءِ خصوصي طور تي رقم رکي وڃي. ايندڙ بجيٽ ۾ نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ باوقار روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ قدم شامل ڪي?? وڃن. نوجوانن جي اعليٰ تعليم جي لاءِ پاڪست??ن انڊونمينٽ فنڊ قائم ڪيو وڃي. بجيٽ ۾ باصلاحيت ۽ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي جي هنر سا?? ليس ڪرڻ ج?? لاءِ مفت ليپ ٽاپ جو پروگرام شامل ڪيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انڊونمينٽ فنڊ سا?? نوجوانن کي اعليٰ ۽ پيشيواراڻي تعليم ۽ آءِ ٽي ۾ مهارت جي تربيت ڏني ويندي. وظيفن ۽ تعليم جي لاءِ شفافيت ۽ ميرٽ جي عنصر کي اهميت ڏني وڃي. بجيٽ ۾ آءِ ٽي جي فروغ جي لاءِ منصوبا شامل ڪي?? وڃن. آبادگار پئڪيج تحت شروع ڪيل منصوبا جاري رکيا وڃن. بجيٽ ۾ قابل تجديد توانائي جا منصوبا شامل ڪي?? وڃن. پن بجلي جي منصوبن ۽ توانائي جي شعبي جي جدت جي لاءِ بجيٽ ۾ خصوصي رقم رکي وڃي. اهڙا منصوبا جيڪي سست رفتاري جو شڪار ٿي سا??ن کان پي ايس ڊي پي ۾ شامل آهن ۽ پنهنجي اهميت وڃائي چڪا آهن انهن کي ان جي دائره ڪار مان ڪڍيو وڃي. بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي شامل ڪرڻ وقت صوبن، لاڳاپيل ش??بن جي ڌرين ۽ اتحادي پارٽين کي مڪمل اعتماد ۾ وٺي انهن جي تجويزن کي شامل ڪيو وڃي. اجلاس کي پي ايس ڊي پي تحت جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ ايندڙ مالي سا?? جي لاءِ منصوبن جي حوالي سا?? تجويزن بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي هدايت تي بجيٽ ۾ زرعي شعبي، قابل تجديد توانائي، نوجوانن جي لاءِ اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ روزگار جا منصوبا ترقياتي بجيٽ جو اهم حصو هوندا. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي شعبي جي ترقي ۽ روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ پڻ منصوبا بجيٽ جو حصو هوندا. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گذريل مالي سا?? ۾ وزيراعظم جي آبادگار پئڪيج ۽ بااختيار نوجوان پروگرام جا ثمر عوام تائين پهچايا وڃن. ان حوالي سا?? 60 هزار نوجوانن کي هن وقت مختلف سرڪاري ترقياتي منصوبن ۾ انٽرن شپ فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ڪڻڪ جي گذريل 10 سا??ن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ پيداوار حاصل ٿي. وزيراعظم بجيٽ 24 – 2023ع جي ترقياتي منصوبن ۾ ملڪي آمدني واپار جو متبادل فراهم ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ ۽ مختلف شعبن جي جدت جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻ ج?? واضح هدايت ڪئي.