اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)موجوده حڪومت زرعي ??عبي تي ٻوڏ جي تباهه ڪُن اثرن ۽ مشڪلاتن کي دُور ڪرڻ لاءِ 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جو هاري پيڪيج ڏنو آهي. ناڻي واري وزير بجيٽ تقرير کي خطاب ڪندي چيو ته مونکي خوشي آهي ته ان پيڪيج جا معيشت تي مثبت اثر آيا آهن. ٻوڏ جي تباهه ڪارين باوجود زرعي ??عبي ۾ 1.5 سيڪڙو جي گروٿ ٿي آهي. ڪڻڪ جو بمپر ڪراپ فصل ٿيڻ سبب 28 ملين ٽن کان وڌيڪ پيد??وا?? ٿي ۽ هاري جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو. هن چيو ته اسان جي ٻهراڙي جي معيشت ۾ 1500 کان 2 هزار ارب رپيا اضافي منتقل ٿيو. ان سان مل?? جي مجموعي معيشت تي مثبت اثر پوندا. بجيٽ 24-2023ع ذريعي ??ڪومت زرعي ??عبي لاءِ رعايتن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿي. جنهن جا تفصيل اڳتي هلي پيش ڪيا ويندا. اميد آهي ته هي قدم مل?? ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هلندڙ مالي سال دوران ٻوڏ کان متاثر علائقا مل??ي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا. حڪومت انهن علائقن ۾ بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪيو آهي. نئين سر تعمير لاءِ حڪومت 578 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله ايندڙ مالي کان اهي علائقا معيشت ۾ ٻيهر پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪندا.