اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان ??وج?? صدر اهڙن خيالن جو ??ظهار ٻارن ج?? پورهئي (چائيلڊ ليبر) جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن چائيلڊ ليبر جي خاتمي ۽ ان بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، ٻارن ??ان پورهيو عالمي سطح تي درپيش هڪ وڏو چئلينج آهي، گڏيل قومن ??وج?? دنيا ۾ اٽڪل 16 ڪروڙ ٻار پورهئي تي مجبور ۽ هر 10 مان هڪ ٻار مزدوري ڪري رهيو آهي. هن جو چوڻ هو ته جيتوڻيڪ عالمي سطح تي چائيلڊ ليبر ۾ گهٽتائي آئي تنهن هوندي به اڃا وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، سماجي انصاف جي فروغ سان ٻارن ج?? پورهئي جي چئلينج تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ان جي بنيادي سببن تي ضابطو آڻڻو پوندو، غربت، جنگ، دهشتگردي ۽ تعليم تائين پهچ نه هجڻ به چائيلڊ ليبر جا وڏا سبب آهن. صدر چيو ته سماجي انصاف جي فروغ ۽ ٻارن کي تعليم جي فراهمي يقيني بڻائي چائيلڊ ليبر جو ??اتمو ڪري سگهجي ٿو، غربت جي ڪري گهٽ عمر ۾ ئي ٻار پورهيو ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته چائيلڊ ليبر جي ڪري ٻار پنهنجي ٻاروتڻ، تعليم ۽ صحت ??ان محروم ٿي وڃن ٿا، پاڪستان ۾ هڪ اندازي ??وج?? 27 ملين ٻار اسڪول نه ٿا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ قانون موجود آهن جن تحت ٻارن ??ان پورهيو وٺڻ تي پابندي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن ج?? پورهئي جي حوصلا شڪني ۽ انهن کي تعليم طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ تعليمي وظيفا ڏنا پيا وڃن. صدر چيو ته پاڪستان ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۽ چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون، ان حوالي سان حڪومت، معاشري، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ميڊيا، واپاري ۽ نجي شعبي سميت معاشري جا سمورا طبقا چائيلڊ ليبر جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪن.