اسلام آباد- 16 جون (اي پي پي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفان، مٽيءَ واريون هوائون، گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه علائقن تي برفباري ۽ تيز برساتن جو ام??ان آهي، جڏهن ته سامونڊي طوفان جي اثر هيٺ ڏکڻ اوڀر سن?? ۾ شديد طوفان سان گڏ برسات پوڻ جا اطلاع آهن. موسميات کاتي مطابق (اڄ) ڇنڇر تي ڏکڻ اوڀر سن??، مشرقي بلوچس??ان جو مٿيون علائقو، مشرقي پنجاب، پوٺوهار خطي، ڪشمير ۽ ڪي پي ڪي ۾ طوفان، مٽيءَ واريون هوائون ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ ڪجهه هنڌ تي برفباري ۽ تيز برساتن جو ام??ان آهي. ڏکڻ اوڀر سن?? ۾ شديد طوفان گجگوڙ سان برسات جڏهن ته ڪجهه ميداني ضلعن ۾ طوفاني هوائون هلڻ جو ام??ان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب جي مٿاهين علائقي اسلام آباد، ڪي پي ڪي، ڪشمير، سن?? ۽ اتر بلوچس??ان ۾ گجگوڙ سان برسات ٿي آهي.