پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي. هڪ ٽ??ئيٽ ۾ هن چيو ته سندس چين جي وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقات اسان جي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن جي روح جي عين موجب هئي، گهڻ ٻطرفن لاڳاپن جي موجود?? صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪندي اسان سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي مضبوط ?? سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو، اسان سي پيڪ جي 10 سالا تقريبون ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو، اهو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ تبديلي جو منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته هن چين پاران پاڪستان جي لاءِ سفارتي ۽ اقتصادي حمايت جاري رکڻ خاص طور تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ گروپ – 20 سياحتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي موقعي تي چين جي اصولي موقف تي وزيراعظم لي چيانگ جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مضبوط ڀائيچارو سمورين وضاحتن کان مٿانهون آهي.