اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 4 جولاءِ تي وڊيو ڪانفرنس فارميٽ ۾ منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي 23 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ايس سي او جي س??بر??هه اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڀارت جي وزيراعظم ا??س سي او جي موجوده س??بر??هه جي حيثيت سان ڏني آهي. ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ شنگهائي تعاون تنظيم جو ??عليٰ ترين فورم آهي، ان ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻ اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور فڪر ڪندا ۽ ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ?? تعاون جي مستقبل جي رخ جو ??اڪو ٺاهيندا. بيان موجب هن سال ايس سي او س??بر??هه اجلاس تنظيم جي نئين ميمبر طور ايران جي آجيان ڪندو. بيان موجب س??بر??هه اجلاس ۾ وزيراعظم جي شرڪت ان ڳالهه کي واضح ڪري ٿي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم کي علائقائي سلامتي ۽ خوشحالي جي هڪ اهم فورم طور اهميت ڏي ٿو ۽ خطي سان رابطن کي وڌائي ٿو.